پبلشر نوٽ
سنڌ ۾ ماحوليات، لوڪ ڏاھپ آبھوائي تبديلين، آفتن ۽ نظر انداز ٿيل عوامي تاريخ، توڙي اھڙن ٻين منفرد موضوعن تي لکندڙن ۾ ھڪ اھم نالو نواز ڪنڀر جو به آھي. نواز جي لکڻين ۾ ھروڀرو ٻاھرين دنيا جي حوالن بجاءِ، سادي سودي ٻوليءَ ۾ مقامي مثال ۽ مواد ملندو. جيڪي ڳالھيون سندس لکڻين جي اھميت کي اڃا به وڌيڪ اھم بڻائين ٿيون. جنھن جو ثبوت سندس مختلف ڪتاب آھن. جن ۾ خاص طور تي سنڌ جي ماحولياتي لوڪ ڏاھپ، ڀٽائي جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور، ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا، صابل ۽ بھرام جمالي توڙي ٻيا ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مضمون آھن.
ھي ڪتاب “وجود وڃائيندڙ وڻ” جنھن جي اھميت ان جي عنوان مان ئي ظاھر آھي، ان جي خاص ڳالھ اها به آھي ته ھن موضوع تي ڀلي ٻيا به ڪتاب شايع ٿيل ڇو نه ھجن، پر ھن ڪتاب ۾ مقامي وڻن جي حوالي سان جيڪا ڄاڻ ڏنل آھي، اها ان ڪري به خاص آھي جو، اها مقامي ۽ صفا اصلوڪي آھي. مقامي سطح تي صدين کان اسان وٽ مختلف وڻن جي، مختلف حصن جا ڪھڙا ڪھڙا استعمال رھيا آھن، ان حوالي سان ھن ڪتاب ۾ ڏاڍي دلچسپ ۽ منفرد ڄاڻ شامل آھي. ڀلي کڻي انھيءَ موضوع تي نيٽ وغيره تي ڪيترو به مواد ڇو نه ھجي، پر مقامي وڻن جي حوالي سان سنڌ جي ھي نِجي پِجي ڄاڻ آھي. جڏھن به دنيا جي مختلف حصن ۽ خطن ۾ وڻن جي مختلف استعمال جي حوالي سان ڳالھه ٿيندي ته نواز جي ھن ’وجود وڃائيندڙ وڻ‘ واري ڪتاب جو حوالو ضرور ايندو ۽ هي ڄاڻ، اھڙي ڪنھن ھنڌ ڄڻ ته سنڌ جي مقامي وڻڻ جي ڄاڻ جي حوالي سان نمائندگي ڪندي. اھا ئي ھن ڪتاب جي وڏي کان وڏي خوبي ۽ خاصيت آھي. ھن ڪتاب جي مواد جي اھميت ان ڪري به آھي، جو ھڪ ته اھي وڻ خود وجود وڃائي رھيا آھن يا وڃائي چڪا آھن ۽ ٻيو ته جن وٽ، انھن وڻن جي مختلف استعمال جي حوالي سان، جيڪا سينن ۾ سانڍيل ڄاڻ آھي يا ھئي، اهي پاڻ به ڏاڍو تيزي سان ھي جھان ڇڏي وڃي رهيا آھن ۽ ڪافي ته وڃي به چڪا آھن! ان ڪري اها ڄاڻ گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ نه صرف وقت جي ضرورت ھئي ۽ آھي، بلڪه شايد ھي صفا آخري وقت ۾ ڪيل، ھڪ اھم ڪوشش به آھي، جنھن لاءِ نواز ڪنڀر جَس لھڻي. ھن ڪتاب ۾ شامل ڄاڻ جيتوڻيڪ ھڪ مخصوص علائقي مان گڏ ڪئي وئي آھي، جنھن جو اقرار خود ليکڪ به ڪيو آھي، پر انهيءَ حوالي سان سڄي سنڌ مان اھڙي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي ضرورت بھرحال موجود آھي. جنھن لاءِ جيڪڏھن ليکڪ مستقبل ۾ ڪوشش ڪندو ته وڌيڪ بھتر ٿي پوندو. پر ان ھوندي به ھي جيڪا به ۽ جيتري به ڄاڻ آھي، ان کي موجوده حالتن ۾ غنيمت ئي چئي سگھجي ٿو.
ثقافت کاتي سنڌ جي ھميشه اھا ئي ڪوشش رھي آھي ته سنڌ جي حوالي سان مواد کي وڌ کان وڌ اھميت ڏئي شايع ڪجي، هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
غلام اڪبر لغاري،
سيڪريٽري ثقافت
سياحت ۽ نوادرات کاتو
حڪومتِ سنڌ