پبلشر پاران
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي جيڪا حيثيت آهي، اسين اها دعوا نٿا ڪريون ته شيخ اياز جي اها حيثيت هر سنڌي اديب ۽ ادب پڙهندڙ، اسان سان ان ڳالهه ۾ متفق ٿيندو ته شيخ اياز جي هر لکڻي، سنڌي ادب جو سرمايو آهي ۽ ان سرمائي مان هر سنڌي اديب، ادب جي پارکو، محقق کي جوڳو فائدو حاصل ٿيڻ گهرجي.
هن کان اڳ، اسان جي اداري پاران شيخ اياز جي ڇپيل سڀني موجود ڪتابن کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ويهن جلدن ۾ ڇاپي، شيخ اياز جي ڪتابن، شاعري، نثر، توڙي سندس نثر ۽ شاعريءَ جي ترجن کي پڻ ڇاپي نه صرف سنڌي، پر اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيل سندس ترجمن جا جلد ڇاپي، سنڌ جي نوجوان نسل کي سندن امانت باسلامت پهچائي چڪا آهيون.
هي ڪتاب “شيخ اياز جا تنقيدي مضمون”، جيڪي دراصل شيخ اياز پنهنجي دؤر جي ڪجهه جوان سال شاعرن جي شاعراڻن ڪتابن جا مهاڳ ڪري لکيا آهن، اسان جي نظر ۾ اهي حقيقت ۾ انهن شاعرن جي شاعريءَ تي شيخ اياز جا تنقيدي مضمون آهن، يا وري ڪي سندس اهڙا مضمون آهن، جن ۾ شاعريءَ جي تاريخ جهلڪي رهي آهي، ۽ ڪن مضمونن ۾ سنڌي شاعريءَ بابت سندس خيالن جو اظهار ٿيل آهي. اهي جيئن ته مختلف وقتن تي، مختلف ادب ٻارن تي، شيخ اياز جي لکت ۾ راءِ آهي، اهي سندس لکڻيون ممڪن آهي ته هر ڪنهن جو ان سال شاعر، اديب ۽ محقق کي آسانيءَ سان حاصل ٿي نه سگهن ها، انهيءَ ڪري انهن کي سهيڙي، هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان کي پيش ڪري رهيا آهيون.
اها سهيڙ، سنڌيءَ اديب، شاعر ۽ شيخ اياز جي ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذيريءَ دوران، سندس زندگي جي آخري ڏهاڪي يعني 1990ع کان، باقائدگيءَ سان شيخ اياز سان، هر روز شام جو ملندو رهندڙ ستار پيرزادي ڪئي آهي. اميد ته شيخ اياز کي پڙهندڙ، هنن لکڻين مان پورو لاڀ حاصل ڪندا.
تاريخ: 4 اپريل 2018ع
غلام اڪبر لغاري
سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو
حڪومت سنڌ، ڪراچي