پبلشر پاران
سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران ٿر جي لوڪ ادب کي شايع ڪرڻ جو سلسلو، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه جي خصوصي هدايتن تي شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارومل سوٽهڙ جو هڪ ڪتاب ڪوي بانيڪيداس جي ترجمو ڪيل شاعري جو ڪتاب، اچي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ هي ٻيو ڪتاب “چتر ٻولي چارڻان”، اوهانجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ وڏي محنت ڪري‘چارڻ’ ذات جو بُڻ بنياد، ‘چارڻ’ لفظ جي معنيٰ، چارڻن جو شجرو ۽ تاريخ، چارڻن جون ريتون رسمون، چارڻن جي ڪجهه قبيلن جو اسلام قبول ڪرڻ، چارڻن جي ڪِرت ۽ سماج ۾ اهميت، ٿر ۽ عمر ڪوٽ ۾ چارڻن جو ڳوٺ، چارن شڪتيون ۽ موتيسرا چارڻ، پورن ۽ نيمتي شڪتي،آوڙ ديوي، ڏيول ديوي، ساهو ستي، جومان ستي، ڏيمان ستي، چارڻن جا چارڻ موتيسرا، چارڻ ڪوِين جي شاعري، چارڻن جي شاعريءَ جي ٻولي، چارڻن جي مزاحمتي ڪوتا، انگريزن خلاف پارڪرين جي بغاوت ۽ چارڻن جي رزميه ڪوتا، چارڻ ڪوين جي رومانوي ۽ سبق آميز شاعري، چارڻن جي مزاحيه شاعري ۽ چارڻن جي شاعري ۾ سچ گوئي جا مثال، چارڻن جي شاعريءَ ۾ دعا ۽ پِٽ جو ذڪر، چارڻ، راڳ ۽ ساز جا ڄاڻو، چارڻن، جي شاعري جون صنفون، سورٺيي جو مثال وارن عنوانن کان سواءِ، مکيه چارڻ شاعرَ، سمنگ چارڻ، لال ٻارٽ، اجلي چارڻياڻي، ڪوي پينگڙ ، جنف چارڻ، جمن چارڻ، جمن چارڻ (ننڍو)، ميان حسين چارڻ، ڪوي ڪلول چارڻ، سارنگ ڌر، سيڻل چارڻياڻي، شيو داس چارڻ، آشانند عرف آسو جي، ايسرداس، گرڌر، ڏونگري سِي، ڪوي پرڌان، ڪرپارام، سروپ ڏان، بانڪيداس آسيه، مهوڙ جي چارڻ، آدو ڏراسو اوڌا، ڪرشن جي چارڻ، ڪيسري سنگھه بابت تفصيلات ڏيئي وڏو ادبي پورهيو ڪيو آهي.
هن ڪتاب ‘چترٻوليچارڻان’ جي اشاعت سان سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ نهايت اهم اضافو ٿيندو. ڇاڪاڻ هن موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ڪو به ڪتاب نه آيل آهي. هن ڪتاب ۾ چارڻن جي لوڪ شاعري سان گڏ چارڻن جي ريتن رسمن ۽ عقيدن بابت تفصيل سان لکيو ويوآهي. ساڳئي وقت چارڻن جي اهم رُخن کي هن ڪتاب ۾ سٺي نموني بحث هيٺ آندو ويوآهي. مشهور چارڻ ڪوي سمنگ چارڻ، جمن چارڻ بابت نهايت خوبصورت طريقي سان لکيو ويوآهي. موجوده وقت ۾ چارڻن جي لوڪ شاعري جي حوالي سان ڪوي هيمڏان چارڻ وڏو ڄاڻوآهي. ليکڪ هيمڏان سميت مختلف سگهڙن کان حال احوال ورتاآهن. انهيءَ سان پڙهندن کي نهايت اهم ۽ منفرد معلومات حاصل ٿئي ٿي. سچ پچ ته اهم موضوع وارو هي ڪتاب پڙهندڙن جي لاءِ لوڪ شاعري ۽ ثقافتي پهلو کي سمجهڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.
يقينن اها هڪ حقيقت آهي ته چارڻ ننڍي کنڊ جي قصن ڪهاڻين ۽ داستانن جو اهم حصو رهيا آهن. ۽ لوڪ ادب جي صنف ۾ چارڻن جو به وڏو حصو آهي. ٻيجل چارڻ کان وٺي سمنگ چارڻ تائين مختلف ڪردارن تي سنڌي ادب ۾ تذڪرو ته ٿيندو رهيوآهي. پر ڀارو مل هن ڪتاب ۾ انهن سمورن جو تفصيلات ڏيئي سنڌي ادب ۾ واڌارو آندو آهي.
مون کي اميد آهي ته سنڌ جا با شعور پڙهندڙ، هن ڪتاب جي دل سان آجيان ڪندا، ته جيئن هن قسم جا مفيد سلسلا اڳتي وڌندا رهن.
غلام اڪبر لغاري
سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو
حڪومت سنڌ، ڪراچي
اپريل 2018